رياض – 08 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن چيو آهي ته آرامڪو ڪمپني جا 8 سيڪڙو شيئرز حڪومتي ملڪيت کان سعودي انويسٽمنٽ فنڊ جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ملڪيت ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. سعودي پريس ايجنسي مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرامڪو ڪمپني جي شيئرز جي ملڪيت منتقل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ڪمپني جي ڪل ??يئرز مان 82.186 سيڪڙو سرڪاري ملڪيت ۾ رهجي ويا آهن. ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن چيو ته آرامڪو ڪمپني جي شيئرز جي ملڪيت جي منتقلي ملڪ جي ڊگهي مدي واري معيشت کي سپورٽ ڪرڻ جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته سعودي انويسٽمنٽ فنڊ نون شعبن کي متعارف ڪرائڻ، نيون اقتصادي شراڪتداريون پيدا ڪرڻ، وڌيڪ نوجوانن کي ??رتي ڪرڻ ۽ کين موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria