گڏيل قومون _ 15 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن چي?? آهي ته غزه ، ر??ع ۽ ٻين هنڌن تي اسرائيلي بمباري ۾ اضافو پريشان ڪندڙ ۽ متاثرن کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي . ان علائقي جي پهرين سنگين صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي . اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو نيو گوتريش جي نائب ترجما?? فرحان حق گذريل ڏينهن ميڊيا بريفنگ دوران چئي . هن چي?? ته هڪ طرف اسرائيل جنگ ر??ع ۽ ٻين هنڌن تي بمباري ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي پاسي غزه کان اسرائيل خلاف راڪٽ حملا به شهرين کي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن . اسان کي شهرين جو اح??رام ۽ تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو . سيڪريٽري جنرل چي?? ته غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه محفوظ ناهي . هن ڌرين کان متاثرن تائين انساني بنيادن تي امداد جي رسائي لاءِ فوري جنگ بندي ۽ سمورن مغوين کي آزاد ڪرڻ سان گڏ رفع ڪراسنگ کي فوري طورتي کولڻ جي اپيل ڪئي .
غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه محفوظ ناهي ، اسرائيلي بمباري امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي :گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن