رياض _ 16 مئي (اي پي پي ) سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ??ن عبد العزيز ڪيترائي شاهي فرمان ??اري ڪيا آهن . عرب نيوز مطابق شاهه سلمان ??هزاده ڊاڪٽر عبد العزيز بن محمد بن عبد العزيز عياف آل مقرن کي پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . شاهه سلمان نائب وزير نيشنل گارڊ عبد الم??سن بن عبد العزيز التو يجري کي پنهنجي عهدي تان ??رطرف ڪري ايوان ??اهي ۾ صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي . شاهي فرمان ۾ شهزاده ڊاڪٽر عبد العزيز بن محمد بن عبد العزيز عياف آل مقرن کي نيشنل گارڊ جي نائب وزير جون ذميواريون ڏنيون آهن . شاهه سلمان ??الد بن محمد بن عبد العزيزالعبد الڪريم کي ڪابينه جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي . شاهي فرمان ۾ شيانه بنت صالح بن عبد الله العزاز کي ڪابينه جي نائب سيڪريٽري مقرري کان ??رطرف ڪري شاهي ايوان ??ي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي اهڙي طرح مازن بن ترڪي بن عبد الله السدريري کي ڪابينه ڪائونسل ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . انجنيئر سامي بن عبد الله مقيم کي سعودي ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت اٿارٽي ۾ نائب سربراهه جڏهن ته الربدي بن فهد بن عبد العزيز کي قومي ڊيٽا اداري جو سربراهه مقرر ڪيو آهي . شاه سلمان ??بد الم??سن بن سعد الم??سن کي نائب ناڻي وارو وزير ، عبد العزيز بن سعود بن عبد العزيز الدحيم کي نائب واپار وارو وزير ، ڊاڪٽر عبد الله بن علي بن محمد الاحمري کي نائب صنعت وارو وزير ۽ انجنيئر انس بن عبد الله بن حمد الصليح کي نائب سياحت وارو وزير مقرر ڪيو آهي .
سعودي عرب ۾ مختلف وزارتن ۾ اهم مقرريون ، شاهي فرمان جاري
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا