آستانه – 4 جولاءِ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ملاقات ڪئي. يوڪرين ۽ غزه جنگ ۽ شام جي تڪرار جي خاتمي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. العربيه اردو مطابق ترڪيه جي ايوان صدر ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي روس جي هم منصب کي آگاهه ڪيو ته سند?? ملڪ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي جو رستو هموار ڪري سگهي ٿو . ٻنهي ڌرين لاءِ امن ممڪن آهي. ترڪيه جي صدر پنهنجي روس جي هم منصب کي شام تڪرار جي حل ۾ ترڪيه ج?? سهڪار تي راضي ٿيڻ کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي صدرن ترڪيه ۽ روس وچ ۾ ٻه طرف?? سهڪار ۽ يوڪرين – روس جنگ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . شام ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ دهشت گردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون . ترڪيه جي صدر چيو ته سند?? ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو . روس جي حڪومت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته روس جو صدر علائقائي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ شريڪ اڳواڻن س??ن ملاقات لاءِ قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهتو . هن شنگهائ?? سهڪار تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي 24هين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن س??ن ملاقات ڪئي.
ترڪيه جي صدر جي روس جي هم منصب سان ملاقات، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena