اوٽاوا-30 آڪتوبر (اي پي پي )ڪينيڊا جي حڪومت چيو آهي ته ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪينيڊا ۾ سک علحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي. اها ڳالهه ڪينيڊا جي نائب پرڏيهي وزير ڊيوڊ موريسن قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه ڪينيڊين سک عليحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ لاءِ انٽيليجنس ڪارروائين جو حڪم ڏنو هيو. هن انهن ڪاروائين ۾ اميت شاهه جي مبينه ڪردار جي تصديق ڪئي جنهن جي باري ۾ ڊيوڊ موريسن جي دعويٰ آهي ته ڪينيڊا ۾ خالصتان جي حامي ڪارڪنن کي ڌمڪائڻ جي مهم جو حصو هيو. واشنگٽن پوسٽ ڪينيڊين اڳواڻن جي حوالي سان ٻڌايو ته اميت شاهه اهي ڪوششون سک عليحدگي پسندن خلاف ??اري ڪريڪ ڊائون جي حصي طور ڪيون آهن. ڪينيڊا هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ملڪ اندر سک عليحدگي پسند تحريڪن کي دٻائڻ جي سرگرمين ۾ مبينه طور ملوث ٿيڻ جي رد عمل ۾ 6 ڀارتي سفارت ڪارن کي ملڪ بدر ڪيو هيو جڏهن ت?? ڀارت انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي. ڪينيڊا کانپوءِ ??مر??ڪا به ڀارت تي اهڙا الزام لڳايا آهن. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ??مر??ڪاجي انصاف واري اداري ڀارتي انٽيليجنس آفيسر وڪاس يادو تي قتل لاءِ رقم ڏيڻ جو الزام لڳايو ، جنهن موجب هن نيويارڪ سٽي ۾ سک عليدگي پسند اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون، جيڪو ٻٽي شهرت يعني ??مر??ڪي ڪينيڊين شهري کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي ه??ي . ايف بي آئي ??مر??ڪي شهرين خلاف ??وابي ڪارروائي جي خدشن جو حوالو ڏيندي تنبيهه به جاري ڪئي آهي. ڀارت هاڻي تائين ??مر??ڪي الزامن ت?? عوامي تبصري کان پاسو ڪيو آهي.
ڀارتي گهرو وزير سک عليحدگي پسندن کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث آهي: ڪينيڊا
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔