تهران-29 نومبر(اي پي پي) ايرا?? چيو آهي ته اولهه وارن ملڪن طرفان مٿس ٻيهر پابنديون لڳايون ويون ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابنديون ختم ڪري سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پرڏيهي ميڊيا کي انٽريو دوران ڪيو. ه?? چيو ته سندس ملڪ هن وقت ايٽ??ي مواد جي 06 سيڪڙو کان وڌيڪ جي رچاءَ کان اڳيان وڌڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي .عباس عراقچي ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته واعدن موجب ايران تي لڳايل پابنديون اڃا ختم نه ڪيون ويون آهن. ان صورتحال ان بحث کي شروع ڪيو آهي ته ايران کي پن??جي ايٽمي پاليسي يا نظرئي ۾ تبديلي آئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي عالمي ايٽمي توانائي واري ايجنسي موجب ايران دنيا جو ايٽمي هٿيار نه رکندڙ واحد م??ڪ آهي جيڪو هن وقت يورينيم جو 60 سيڪڙو تائين رچاءُ ڪري رهيو آهي جڏهن ته ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ يورينيم کي 90 سيڪڙو رچاءُ گهربل هوندو آهي. واضع رهي ته ايران ۽ وڏين طاقتن وچ ۾ 2015 ع جي ايٽ??ي معاهدي تحت ايران کي پن??جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي بدلي ۾ اولهه وارين پابندين ۾ ڇوٽ ڏيڻ شامل هو ته جيئن ان کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪي سگ??جي جڏهن ته آمريڪا جلد ئي ان معاهدي کان ڌار ٿي ويو جنهن کان پوءِ ايران يورينيم جي رچاءَ جي سطح کي اڳيان وڌايو هو.
اولهه جي ملڪن ٻيهر پابنديون هنيُون ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابنديون ختم ڪري سگهون ٿا: ايران
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی