ميرانشاهه – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان اڳوڻي فاٽا جي نئين قائم ٿيل ضلعن لاءِ صحت، تعليم، روزگار ۽ انتظاميه جي شعبن ۾ مختلف فلاحي پيڪيجز جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي فاٽا ۽ خيبرپختونخوا جي عوام دهشتگردي جي ڏک ۽ مشڪل وقت کي جرئت سان منهن ڏنو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ملڪ يا فوج ڪردار ادا نه ڪيو، اسان پنهنجي ملڪ تي مڙهيل جنگ جي وڏي جاني ۽ مالي قيمت ادا ڪئي، اسان پاڪستان جي اندر آئنده اه??ي ڪا به جنگ نه وڙهنداسين، نئون پاڪستان بڻجي رهيو آهي، هن اها ڳالهه اتر وزيرستان جي دوري جي موقعي تي چئي، پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم ع??را?? خان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باج??ه اتر وزيرستان جو دورو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ