گڏيل قومون- 08 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته جنگن جي ??ڀ کان وڌ??ڪ قيمت عورتون ادا ??ري رهيون آهن پر پوءِ به سفارتي محاذ تي سندن نمائندگي تمام گه?? آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي عورتن واري شعبي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيماباهوس عالمي برادري کي سڄي دنيا جي عورتن جي تحفظ ۽ حقن جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ??رڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن افغانستان جي حوالي سان ٻڌايو ته اتي عورتن تي يونيورسٽين ۽ پارڪن ۾ وڃڻ تي پابندي آهي جڏهن ته نوڪرين مان به ڪڍيو ويو آهي. روس – يوڪرين تڪرار جي حوالي سان چيو ته جنگ سبب 80 لک يوڪرين جي شهرين کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو آهي جن ۾ 90 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن جڏهن ته جيڪي ماڻحو پنهنجي ئي ملڪ اندر بي گهر ٿيا آهن انهن مان به 70 سيڪڙو عورتون آهن. هن عالمي اڳواڻڻ تي زور ڀريو ته اهي سال 2000ع ۾ منظور ٿيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تاريخي ٺهرا??ن مطابق ڪم ڪن، جن۾ تڪرارن جي حل ۽ عورتن جي حقن لاءِ زور ڀريو ويو آهي.
جنگن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا