رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي ولي عهد وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان مملڪت جي پهاڙي علائقي السوده ۾ لگزري پهاڙي سياحت جو نئون چهرو متعارف ڪرائڻ لاءِ منصوبي جي ماسٽر پلان جو ??فتتاح ڪري ڇ??يو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق پروجيڪٽ تحت سعودي عرب جي بلند ترين چوٽي تي هڪ لگزري سياحت ماڳ قائم ڪيو ويندو. اهو السوده جي علائقي ۽ رجال المع جي ڪجهه حصن تائين وسيع هوندو. منصوبي جو مقصد سمنڊ جي سطح کان 3 هزار 15 ميٽر اوچي پهاڙ جي بلند ترين چوٽي تي لگزري پهاڙي فرنٽ تيار ڪرڻ آهي. ان رٿا سان سعودي ويزن 2030ع جو هدف پڻ حاصل ٿيندو ۽ سياحتي ۽ ت??ري??ي شعبي کي هٿي ملندي. مجموعي قومي يپداوار ۾ 29 ارب ريال کان وڌيڪ جو ??ضافو ٿيندو. سڌي ۽ اڻ سڌي ريت نوڪرين جا هزارين نوان موقع?? پيدا ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ