ماسڪو -01 نومبر (اي پي پي) روس ۾ برطا??يه جي سفير ڊيبورا برونرٽ پنهنجي سفارتي مشن جو مدو پورو ڪري ورتو آهي. روس جي خابرو اداري برطانوي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته سفير پنهنجي سفارتي مشن جو مدو مڪمل ڪري ورتو آهي. روس جي عوام لاءِ پنهنجي ويڊيو خطاب ۾ هن چيو ته هو ۽ سندس ڪٽنب موجوده دور جي تلخ حقيقتن باوجود روس ۽ روس جي شهرين کي ياد ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته روس ۽ برطا??يه وچ ۾ ناتا ضرور بحال ٿي ويندا. واضح رهي ته ڊيبورا برونرٽ جنوري 2020ع ۾ روس ۾ پنهنجيون سفارتي ذميواريون شروع ڪيون هيون. آگسٽ 2023ع ۾ برطانوي پرڏيهي آفيس نيگل ڪاسو کي روس لاءِ نئون سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ام??ان آهي ته هو نومبر 2023ع ۾ عهدي جي چارج سنڀاليندو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر