ڪينبرا- 15 جولاءِ (اي پي پي) برطانيه جو بادشاهه چارلس ٿري ۽ سندس گهرواري ملڪه ڪيملا آڪٽوبر ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندا . ان ڳالهه جي تصديق سومر ڏينهن آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني الباني هڪ بيان ۾ ڪئي آهي . شهنوا مطابق هن چيو ته هو ۽ گ??رنر جنرل سيم موسٽين آڪٽوبر ۾ بادشاهه ۽ ملڪه جي آسٽريليا ۾ آجيان ڪندا . الباني چيو ته برطانوي بادشاهه ۽ ملڪه جي دوري جون تياريون جاري آهن . هن چيو ته هلندڙ سال جي آخر ۾ آسٽريليا جي پهرين شاهي دوري تي بادشاهه ۽ ملڪه جو استقبال سندس لاءِ اعزاز هوندو. دوري جي اعلان جي موقعي تي آسٽريليا جي وفاقي حڪومت بادشاهه ۽ ملڪه جو س??ڪا??ي آسٽريلوي پو??ٽر??ٽ جاري ڪيو جنهن ۾ بادشاهه چارلس آرڊر آف آسٽريليا جو خودمختيار بيج ۽ ملڪه ڪيملا هڪ بروچ پاتو آهي جيڪو 1954ع ۾ ملڪه الزبٿ ٽو کي آسٽريليا جي پهرين دوري دوران تحفي ۾ ڏنو ويو هو . آسٽريليا جي دوري بعد ، بادشاهه ۽ مل??ه ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا . 2011ع ۾ ملڪه الزبٿ ٽو جي ڪينبرا، برسبين، ميلبورن ۽ پرٿ جي دوري بعد اهو برطانوي بادشاهه جو پهريون آسٽريليا جو دورو هوندو . اي
برطانوي بادشاهه چارلس ٿري ۽ سندس گهرواري ملڪه ڪيملا آڪٽوبر ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندا
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار