واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ري پ??لڪ?? پارٽيءَ جو اميدوار ۽ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪامياب ٿي ويو آهي. هن پاڻ کي آمريڪا جو 47هون صدر چو??دي پنهنجي ??اميابيءَ جو اعلان ڪيو ۽ چيو آهي ته آمريڪي عوام اڄ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي آمريڪا جي سونهري دؤر جي شروعات ٿيندي. صدارتي چونڊون 270 کان وڌيڪ اليڪٽرز جي ??ٽڻ سان پنهنجي ??اميابي يقيني ٿيڻ کانپوءِ هن فلوريڊا رياست ۾ پنهنجي ??ونڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ آمريڪين کي خطاب ڪيو. هن چيو ته هو ان وقت تائين آرام سان نه ويهندو جيستائين آمريڪا کي هڪ محفوظ ۽ خوشحال ملڪ بنائڻ جو عهد پورو نه ڪندو. آمريڪا جي عوام جي حقن لاءِ هر روز مقابلو ڪنداسين. ملڪ جي سونهري دؤر جي شروعات ٿيڻ واري آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مُون ڪا جنگ شروع ناهي ڪئي پر مُون جنگيون ختم ڪيون آهن. هن آمريڪي عوام تي زور ڀريو ته هي وقت اتحاد جو آهي، گذريل سالن ۾ جيڪي ويڇا وڌيا انهن کي پُٺتي رکڻو پوندو، آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ??اميابيءَ سان ئي سڄي دنيا ۾ ڪيترين ئي ڪرنسين جي ??يٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي فلوريڊا ۾ تقرير ۽ ڪاميابيءَ جي اعلان کان اڳ واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪملا هيرس جي اليڪشن واچ پارٽيءَ وارو هنڌ ويران ٿيڻ شروع ٿي ويو. نائب صدر ڪملا هيرس کي هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي حامين کي خطاب ڪرڻو هو پر جيئن ئي معلوم ٿيو ته هوءَ تقرير نه ڪ??دي ته اتي موجود ماڻهو خالي ڪُرسيون ۽ آمريڪي جهنڊا ڇڏي گهرن ڏانهن هليا ويا. ٻئي پاسي عالمي اڳواڻن ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، ڊونلڊ ٽرمپ جي ??ٽڻ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي واپسي قرار ڏنو. هن چيو ته هي اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ عظيم اتحاد لاءِ هڪ طاقتور عزم جو اظ??ار آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، ڊونلڊ ٽرمپ کي تاريخي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏجي ??م ڪرڻ جا منتظر آهيون. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ڀارتي وزيراعظم، ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنج?? دوست چئي مخاطب ٿي??دي چيو ته توهان جي تاريخي چونڊ ڪاميابيءَ تي دل جي ??هرائين سان مبارڪباد، اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني پڻ ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي. هنگري جي وڪٽر اوربان، ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي سياسي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي واپسيءَ تي مبارڪ ڏني. يوڪرين جي صدر پڻ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ??اميابي يوڪرين ۾ امن کي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي بيان ۾ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏي??دي ان اميد جو اظ??ار ڪيو ته سندس اقتدار جي دؤر ۾ دنيا ۾ انصاف جو ڳاٽ اونچو هو. ايران جي حڪومت جي ترجمان فاطمي مهاجراني پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊ جي نتيجن جو ايراني عوام جي زندگين تي ڪوبه اثر نه پوندو. ايران پنهنجي پاليسين کي شخصيت نه پر اصولن جي بنياد تي جوڙيندو آهي ۽ ان تي عملدرآمد جاري رکندو. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل آمريڪي صدر کي مبارڪون ڏي??دي ان اميد جو اظ??ار ڪيو آهي ته سندس قيادت ۾ نيٽو دفاعي اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. روس جي اڳوڻي صدر دمتري ميديدوف، ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏي??دي چيو ته سندس هڪ خوبي اها آهي ته هو آمريڪي فنڊن کي غير ضروري طور ۽ خاص طور تي بيوقوف اتحادين تي خرچ ڪرڻ جي خلاف آهي. نيڌر لينڊ جي وزيراعظم ڊڪ سڪوف، ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏي??دي سندس حڪومتي دؤر ۾ آمريڪا سان سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي اميد جو اظ??ار ڪيو. ٻئي پاسي آسٽريا جي ??انسلر ۽ چيڪ ريپبلڪ، سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ ۽ ايلسلوا ڊور جي وزيراعظمن پڻ ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏنيون آهن.
آمريڪي عوام تاريخ رقم ڪري ڇڏي، مُون جنگيُون شروع نه ختم ڪيُون آهن: صدر ڊونلڊ ٽرمپ
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ