مظفر آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اسيمبلي جي چونڊن جي لاءِ پارٽي منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو، 21 جولاءِ تي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪ??ي تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر، جمهوري ادارن جي واڌويجهه، انتظامي سڌارن/ بلدياتي ادارن جون چونڊون، ماتحت عدليه ۾ سڌارن، انساني حق?? سميت ٻين سمورن شعبن ۾ ڪم ڪري آزاد ڪشمير کي مثالي رياست بڻائينداسين، بلاول ڀٽو ۽ عمران خان وٽ الزامن کانسواءِ ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي جو ڪو منشور يا حڪمت عملي آهي ته اسان وانگر عوام آڏو پيش ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر پرويز رشيد مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر راجا فاروق حيدر جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي جسٽس (ر) منظور گيلاني باقاعده پارٽي منشور جو اعلان ڪيو. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر پرويز رشيد ان موقعي تي چيو ته اسان سڀ پاڪستانين، آزاد ڪشمير جي سمورن شهرين، سڄي دنيا جي انسانيت سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ اڄ هڪ ڏک جو ڏينهن آهي ته انسانيت جو هڪ عظيم، روشن مثال عب??الستار ايڌي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پوري دنيا ۾ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي.
بلاول ۽ عمران وٽ الزامن کانسواءِ ڪشمير جي ترقي لاءِ ڪو منشور نه آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ