سانگله هل – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي کي پنهنجو اولين ??يج??ڊا قرار ڏ??ند?? چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ترقياتي ??يج??ڊا کي روڪڻ چاهين ٿا، انهن ماڻهن سدائين ترقياتي منصوبن جي مخالفت ڪئي پر اهي ڪامياب نه ٿيا، اهڙن ماڻهن جي ??يج??ڊا ناڪام ۽ اسان جي ڪامياب ٿ??ند?? رهندي، فيصل آباد – پنڊي ڀٽيان موٽر وي تي سانگله هل انٽر چينج جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي هن سانگله هل لاءِ گئس جي فراهمي، ننڪانه صاحب ۾ 250 بسترن جي اسپتال جو جلد سنگ بنياد رکڻ، فيصل آباد ساهيانواله ايڪسپريس وي جي تعمير ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 103 جي ٻهراڙي کي سوئ?? گئس فراهم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل