اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حس??ن گڏيل قومن جي منشور ۾ شامل اصولن ۽ مقصدن تي ڪاربند رهڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان انهن اصولن ۽ مقصدن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ۾ سدائين فعال ۽ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ اڻٿڪ خدمتون ان جي ڪردار جون عڪاس آهن. سلامتي ڪائونسل ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي. گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کي 72 سال پورا ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جي هڪ لک 72 هزار امن دستا جنگين سبب متاثر دنيا جي مختلف حصن ۾ ا??ن قائم ۽ برقرار رکڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ خدمتون سرانجام ڏيندي جانيون قربان ڪندڙ پنهنجي 154 ??ها??ر فوجين کي خراج ع??يدت پيش ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ