اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا برطانيا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي لاءِ پروٽوڪول، ٽيڪس بابت پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ، احمد نواز سکيرا کي سيڙپڪاري ??ورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ، لبرٽي ايئرلائين کي چارٽرڊ اڏامن جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئو?? بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجل??س کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته احمد نواز سکيرا سيڙپڪاري ??ورڊ جو سيڪريٽري هوندو، لبرٽي ايئرلائين کي لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئو?? بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری