اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير 27 فيبروري 2019ع تي پ??ڪ فضائيه جي شاهينن جو نشانو بڻجندڙ ڀ??رت?? مگ جهاز جي پ??ئليٽ اڀي نندن کي ڀارت جي ٽئين سڀ کان وڏي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف نريندر مودي ئي ڪري سگهي ٿو. هن ڀ??رت?? وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته هو احمقن جي جنت ۾ پنهنجو قيام جاري رکي. واضح رهي ته ڀ??رت?? صدر رام ناٿ ڪووند سومر تي اڀينندن کي فيبروري 2019ع ۾ مبينه طور تي پ??ڪستاني فضائيه جو ايف 16 جهاز ماري ڪيرائڻ تي ”وير چڪر“ ڏنو آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان ڀ??رت?? دعويٰ جي ترديد ڪري چڪو آهي ۽ آمريڪي اخ??ار فارن پاليسي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته آمريڪا جي دفاع واري کاتي جي اهلڪارن پاڪستان ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي آهي ۽ اهي تعداد ۾ پورا آهن، آمريڪي عملدارن پاران اهو بيان ان ڀ??رت?? دعويٰ کي مڪمل طور تي ڪوڙو ثابت ڪري چڪو هو.
شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ڪري سگهي ٿو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں