اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين جي نظ??م کي موثر ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻايو وڃي، اها هدايت وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب خان آفريدي سان ڳالهائيندي چئي. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپين سان ٻٽي شهريت ۽ پاڪستاني نزاد ڪارڊ کانسواءِ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ويزا جاري ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين (سي ڊبليو اي) جي نظ??م کي موثر ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته ج??ئن سمنڊ پار پاڪستاني جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر