اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبپاشي جي حوالي سان سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبي ذخيرن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳو بڻائڻ ملڪي غذا??ي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ملڪ ۾ آبپاشي جي نظام جي بهتري لاءِ جامع لائحه عمل تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري نظام، نهري پاڻي کي زرعي زمينن تائين ضايع ٿيڻ کانسواءِ پهچائن لاءِ حڪمت عملي، پاڻي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر نظام ۽ آبپاشي جي نظام کي وسيع ڪري غير آباد زمينن کي پوکي جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت دريائي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن تي سنجيدگي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهي آهي ۽ ان ڏهاڪي کي ڊيمن جي تعمير جي ڏهاڪي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخوا ۾ پاڻي چوري جي روڪٿام جي قد??ن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي غذا??ي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تحت حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان تي به عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي، وزيراعظم سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي پاڻي جي ذخيرن جي منصوبن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳي بڻائڻ کي ملڪي غذا??ي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، نائب منصوبابندي ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ اعليٰ صوبائي آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذ??يع?? اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران آبپاشي جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری