اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فر??هم ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڏن شهرن ۾ آءِ ٽي سان واڳيل ماڻهن جي سهولت ??اء?? خصوصي زون ٺهي رهيا اهن، ان مقصد جي ??اء?? حڪومت اين او سي هاصل ڪرڻ بدران تعليمي نظام متعارف ڪرايو آهي. هن چيو ته نوجوان آبادي جو 68 سيڪڙو آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ کپت جي وڏي گنجائش آهي، ان جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو رستو هموار ٿيندو. ان کان اڳ بورڊ آف گورنرز اسلام آباد ۾ مختلف ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن ڪلسٽرز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني جن جو مقصد ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي فروغ ??اء?? موجوده بنيادي ڍانچي کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ٽي جي شعبي جي ??اء?? سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي دوست ماحولياتي نظام قائم ڪرڻ جي ??اء?? سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن جن ۾ رجسٽرڊ ٽيڪ اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي ??اء?? ٽيڪس ۾ ڇوٽ، پاڪستان ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس فنڊ قائم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي جوائنٽ وينچرز فنڊنگ سميت قدم شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي و??ري وفاقي وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، توانائي و??ري وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت و??ري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ و??ري خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس