اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص ??عاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته روسي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. پي ٽي وي س??ن ڳالهائيندي هن چيو ته روسي واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته روس توانائي جي فراهمي جي حوالي س??ن دنيا جو هڪ وڏو ملڪ آهي، چاهيون ٿا ??ه روس پاڪستان ۾ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪري. وزيراعظم عمران خان جي ر??س جي دوري تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ خاص ??عاون چيو ته پاڪستان روسي عملدارن سان توانائي ۽ ٻين اقتصادي شعبن تي نتيجاخيز ڳالهيون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی