اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي اع??راض آهي ته وزيراعظم ”ڌمڪي آميز خط“ کين نه ڏيکاريو، ان ??اء?? وزيراعظم اهو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ ??اء?? تيار آهي، ان ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اع??مادي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿو ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا، وزيراعظم عمران خان جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي جلسي ۾ هڪ خط جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته بي اع??مادي رٿ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن، اسد عمر چيو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اسان کي خط ڇو نه ڏيکاريو پيو وڃي، ڪجهه راز قومي نوعيت جا هوندا آهن، وزيراعظم مون کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اسا?? اهو خط سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏيکارڻ ??اء?? تيار آهيون، ان تي سڀني کي اع??ماد آهي، هن چيو ته مون کي اجازت نه آهي ته ان خط ۾ لکيل لفظ ٻڌائي سگهان پر اهم ڳالهيون ورجايان ٿو، اهو حصو جيڪو بي اع??مادي سان جڙيل آهي ان جو?? اهم ڳالهيون ڇا آهن، هن چيو ته ان خط جي تاريخ بي اع??مادي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ جي آهي، اها اهم ان ??اء?? آهي ته ان خط ۾ سڌو سنئون بي اع??مادي رٿ جو ذڪر آهي، ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ صاف لظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اع??مادي رٿ ڪامياب نه ٿي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿو ته ان جا نتيجا خطرناڪ هوندا. هن چيو ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي، پي ڊي ايم ظاهر آهي ان ڳالهه کان لاعلم نه آهي، هن چيو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ لکين ماڻهو پهتا، امربالمعروف جلسي ۾ نظر آيو قوم وزيراعظم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته خط ۾ ڪيل ڳالهيون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان جڙيل آهن، ٻاهريان هٿ ۽ بي اع??مادي رٿ پاڻ ۾ جڙيل آهن، نواز شريف جون ملاقاتون وزيراعظم جي خلاف بي اع??مادي رٿ جو حصو آهن، پي ڊي ايم جي سينئر قيادت ان ڳالهه کان بي خبر نه آهي، خط جو سڌو سنئون تعلق عوام سان به آهي، اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو، مخالف ڌ?? جي ڪجهه ماڻهن کي خبر نه آهي ته بي اع??مادي رٿ جي پويان ڪير آهي، اهي ماڻهو لاعلمي جي ڪري ان سازش جو حصو آهن، هن چيو ته اسيمبلي جا سمورا چونڊيل ميمبر محبت وطن آهن، مخالف ڌر پاران نواز شريف کلي عام ٻاهرين قوتن جو آله ڪار آهي.
وزيراعظم ڌمڪي وارو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿو ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر