رياض – 21 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي جازان ڪمشنري جي پسگردائي واري علائقي ۾ ننڍي ڀاءَ جي قبر کوٽيندڙ شخص صدمي سبب وفات ڪري ويو. سبق نيوز مطابق جازان جي پسگردائي واري ڳوٺ الڪرما ۾ رهندڙ 44 ساله سعودي شهري مفرح يحيٰ غزواني جي طبعيت اوچتو بگڙي ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو، کيس اسپتال نيو ويو پر ڊ??ڪٽرن معائني بعد سندس موت جي تصديق ڪئي. سندس وڏي ڀاءَ 48 ساله جبريل يحيٰ اسپتال عملي کان ڀاءَ جي موت جي تصديق ڪن??ي قبرستان ويو ۽ ڀاءَ جي قبر پ??هن??ي هٿن سان کوٽي ان دوران هو چڪر اچڻ بعد کوٽيل قبر وٽ ڪري پيو، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ باوجود هو بچي نه سگهيو. اسپتال جي سردخاني ۾ ٻنهي ڀائرن جا مڙهه رکيا ويا.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔