واشنگٽن-14 جون (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن تحت پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ واپار تي زور ڀريو آهي. هن آمريڪي رياست پنسيلوانيا جي شهر فلاڊيلفيا ۾ عالمي معاملن جي ڪائونسل کي خطاب ڪندي آمريڪي ڪاروباري ادارن تي زور ڀري?? ته هو پنهنجي سيڙپڪاري خاص طور تي ٽيڪ اسٽارٽ اپس، قابل تجديد ??وانائي، زراعت ۽ صنعتن جي پورٽ فوليز ۾ اضافو ڪن. پاڪستاني سفير اسڪالرز، پاليسي سازن، قانونسازن، صنعتڪارن، ڪاروباري اڳواڻن ۽ پروفيشنلز جي اجتماع کي ٻِڌاي?? ته پاڪستان آمريڪي صنعتڪارن لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، جيڪڏهن اوهان جديد ??رين مصنوعات تيار ڪريو ٿا ته پاڪستان ۾ اوهان جا 240 ملين صارفين آهن. هن چي?? ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا، دهشتگردي خلاف جنگ، پاڪ ڀارت لاڳاپن ۽ علائقائي استحڪام جي معام??ن تي ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده سيڙپڪاري ۽ واپاري موقعن تي ڌيان ڏنو جنهن لاڳاپن کي نئون رخ فراهم ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ڊجيٽل طور تي دنيا سان ڳنڍيل آهي. پاڪستاني سفير چي?? ته اسان دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون ڪيو ۽ گڏجي دهشتگرد تنظيمن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي. چين سان پاڪستان جي لاڳاپن بابت سفير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪي?? ته چين سان لاڳاپا آمريڪا سان لاڳاپن جي قيمت تي ناهن، هن 70 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ چين ۽ آمريڪا کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ پاڪستان جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪندي چي?? ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪ ڀارت لاڳاپن بابت پاڪستاني سفير چي?? ته 2014ع کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪا به باقاعده ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. اسان کي هڪٻئي سان ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته دهشتگردن سان وڙهڻ لاءِ پرڏيهي فوجي فنانسنگ (ايف ايم ايف) ۽ فارن ملٽري سيلز (ايف ايم ايس) جي مڪمل بحالي ۽ مدد جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن وچ اوڀر جي صورتحال جي پس منظر ۾ آمريڪا تي زور ڀري?? ته هو قائداڻو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي حيثيت ۽ طاقت جو استعمال ڪري. پاڪستاني سفير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي خوبصورتي ۽ ان جي روايتي مهمانوازي جو تجربو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چي?? ته پاڪستان وٽ 7500 گليشيئرز آهن جيڪي تعداد جي لحاظ کان قطبي خطي کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهن. پاڪستاني سفير تقريب جي ميزباني تي ۽ ورلڊ افيئرز ڪائونسل فلاڊيلفيا جي صدر ۽ سي اي او لارين سوارٽرز جو ٿورو مڃيو.
ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪن: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena