اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير ??ئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي، اهي ڪارروايون چو??ڊن تي اثرانداز نه ٿينديون، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ادارن جي ڪارروائي سان اختلاف آهي ته اهو اعليٰ عدليه سا?? رجوع ڪري سگهي ٿو. هو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستابي ادب جا 70 سال جي موضوع تي قومي ادبي سيمينار ک?? خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير ??يد علي ظفر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پوري قوم کي يقين ڏياريون ٿا ته 25 جولاءِ 2018ع تي ئي عام چو??ڊون ٿينديون، نگران حڪومت جي اها ذميواري آهي ته ايندڙ عام چو??ڊن کي صاف، شفاف، پرامن ۽ غيرجانبداراڻو بڻايون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به جاچ ادارو قانون ۽ آئين موجب ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته اهو ان جو حق آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ايجنسي کان ڪا شڪايت آهي ته اهو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي فورم سا?? رجوع ڪري سگهي ٿو.
قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado