اسلام آباد 6- آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت کي جديد عصري گُهرجن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ جامع ۽ قابل عمل تجويزون سامهون آڻينداسين. اها ڳالهه گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽل ڊپلوميسي گ??وپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڊجيٽل ڊپلوميسي گ??وپ پرڏيهي وزارت جي پبلڪ ڊپلوميسي جي ويزن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل ماهر شامل آهن. ڊجيٽل ڊپلوميسي گ??وپ جي ميمبرن ۾ ??زي??اعظم جو ف??ڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اِي او سيد شباهت علي شاهه، جنرل مئنيجر ڊجيٽل ميڊيا ونگ وزارت اطلاعات عمران غزالي، ڊجيٽل ايڪسپرٽ تانيه ايڊوروس پرو پاڪستاني بلاگ جي باني عامر عطا، پبلڪ رليشن ايڪسپرٽ سلينا راشد ۽ پرڏيهي وزارت جي صلاحڪار پبلڪ ڊپلومي??ي عمران اختر شامل آهن. پرڏيهي ??زي?? چيو ته ڪووڊ 19 دنيا کي هڪ ڌڪ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي. پرڏيهي وزارت کي الله تعاليٰ بهترين هيومن ريسورسز سان نوازيو آهي، اسان جي وسيع تجربن سان اسان اداري کي بهتري?? بڻائي رهيا آهيون.
ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : پاور بال