اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ملڪ جي سڀن?? ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري ??يشنل هيلپ لائين نمبر جي ذريعي فوري ??دد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پ?? ايم ڊليوري ??ونٽ کي اهم ٽاسڪ ??ونپيو ويو آهي، پ?? ايم ڊليوري ??ونٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين جي لاءِ ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ لائين نمبر جي قيام کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آف??س موجب ملڪ جي سڀن?? ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٽول فري ??وندو، نيشنل هيلپ لائين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري جي فوري ??دد ممڪن ٿيندي، نئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان مدد حاصل ڪئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.
وزيراعظم پاران نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال