اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس جي پارليامينٽري ??يڪريٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي مندر جو دورو ڪيو. اتي پارلياماني سيڪريٽري مقامي امن جرڳي ۽ مقا??ي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي انتظاميه ۽ مقا??ي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته مندر تي حملو پوليس جي موجودگي ۾ ٿيو. پوليس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ??يڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس م??را?? جي مندر تي حملو ڪندڙ مرڪزي ملزم مولي محمد شريف کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آ??ي ۽ هن وقت تائين 45 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري هندو برادري کي خاطري ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري ??ي مقدس ماڳن جي به حفاظت ڪندي.
پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي پاران ڪرڪ ضلعي ۾ ساڙيل مندر جو دورو، مقامي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث