جده – 09 – مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، پاڪستانين کي جلد نئين پاڪستان جي خوشخبري ڏيان ٿو، مافيا کان ملڪ کي آ??اد ڪرائڻ جي جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين، قانون جي بالادستي رکندڙ معاشرو ئي ترقي ڪندو آهي، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان س??ن گڏ بيٺل ??هيو، پاڪستان جي خوشحالي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو تمام گهڻو مثبت ڪردار ڏسي رهيو آهيان، پاڪستاني معيشت جي بهتري تي الله جا شڪرگزار آهيون. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۾ هر سال 9 ارب رپين جو خسارو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي عطين س??ن پورو ٿئي ٿو، ان مان 40 سيڪڙو حصو سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار