اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان ??ي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي، گڏيل مفادن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي سموريون ممڪن مراعتون ڏنيون وڃن، پرڏ??هي خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ??وا??ي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سي پيڪ منصوبي تحت سيڙپڪاري، حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ ڪجهه معاملن ۾ سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن ۽ ا??هن جي فوري حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏ??هي سيڙپڪارن ۽ خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ