اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن قوم سان ڪيل پنهنجي احتساب جي ??اعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خ??ن قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي، علي ظفر جي رپورٽ سان جهانگير تر??ن جي خلاف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي حوالي سان بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر شهزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتبار جوڳي سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ??ي وي چئنل جي ??روگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته کنڊ اسڪينڊل جي حوالي سان جوڙيل ڪميشن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارشن جي بنياد تي ايف آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪارروائي شروع ٿي وئي، جهانگير تر??ن سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان لاءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ باقي جن جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ان جي حوالي سان اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن چيو ته بئريسٽر علي ظفر کي رڳو جهانگير تر??ن گروپ جي طرفان شڪايتن جي حوالي سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر علي ظفر جي رپورٽ جو ايف آءِ اي جي جاچ يا عدالت جي سامهون جهانگير تر??ن جي ڪيس جي حوالي سان ڪو به تعلق نه آهي، اهي سڀ شيون پنهنجي ??نهنجي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر علي ظفر جو ڪم جهانگير تر??ن گروپ جي شڪايت جي حوالي سان معاملن کي ڏسڻو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق احتساب جي حوالي سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي ڪنهن به شخص جو تعلق چاهي حڪومتي پارٽي سان هجي ??ا مخالف ڌر سان هجي، جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪو سوال اٿي ٿو ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.
وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔