اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??لا??ل صاحب، وفاق سنڌ حڪومت کي هيستائين اين ايف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪو آهي، ٻڌايو اهو پئسو ڪٿي خرچ ٿيو؟ توهان سنڌ حڪومت جي غفلت ۽ لاپرواهي تي سنڌ جي عوام کان ڪڏهن معافي گهري رهيا آهيو؟ سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو اهو پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، سنڌ ۾ ڪرپشن سان گڏوگڏ صلاحيت جي به کوٽ آهي، 59 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ استعمال نه ٿي سگهي، صوبائي حڪومت هدف موجب 53 سيڪڙو روينيو به جمع نه ڪري سگهي ان کانپوءِ به حڪومت ڪرڻ جو ڪو جواز بچي ٿو؟ پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان ڪرپشن هجڻ گهرجي ڇو ته هو ان کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي. ??لا??ل زرداري جي بيان تي رد عمل ۽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مم??ڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته ??لا??ل همت ڪري ۽ سنڌ جي عوام کي ٻڌائي وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي جاري ٿيندڙ 1900 ارب روپيا ڪٿي خرچ ڪ??ا آهن.
وفاق سنڌ کي هيستائين اين ايف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ