اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، گهرو وز??ر شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي و??ير سردار عثمان بوزدار ۽ اعلي?? سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهري پ??يانٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ ظالماڻي قتل تي گه??ي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي قسم جي و??قعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي و??قعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پ??يانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلنڪا جي شهري پ??يانٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن