اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروباري برادري معيشت جي ت??قي ۽ ماڻه?? کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، دنيا سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي، حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون آهن جڏهن ته هو ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي کي جيتريون مراعتون ڏنيون آهن ايتريون ڪنهن ٻي شعبي کي ناهن ڏنيون ويون، آءِ ٽي انڊسٽري کي ت??بيت يافته افرادي قوت جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماضي ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿي وئي هئي جنه?? کي موجوده حڪومت بحال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تقريب جي نتيجي ۾ اسان جي ماڻهن جو روزگار وڌندو. حڪومت نوجوان?? کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تحت 22 لک نوجوانن کي ت??بيت ڏني وئي آهي جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. صدر واپارين تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي فائدو کڻي. صدر چيو ته موجوده حڪومت ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري آبادگار?? کي اضافي 1100 سئو ارب روپيا منافعو حاصل ٿيو آهي، ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ جي لاءِ حڪومت ۽ واپاري گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان قدم سان واپار ۽ انڊسٽري کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته هنرمند افرادي قوت جي تياري سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيندو، آءِ ٽي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ حڪومت کي واپارين جو تعاون گهربل آهي، آءِ ٽي سيڪٽر عورت?? کي بااختيار بڻائڻ جو وڏو ذريعو آهي، حڪومت نوجوانن جي فني ت??بيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو آهي ان قدم جو مقصد نوجوان?? کي هنرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آهي. صدر چيو ته موجوده حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ رڪارڊ مراعتن جو اعلان ڪيو آهي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي فوري حل کي به يقيني بڻايو آهي، ماضي جي ڪا به حڪومت موجوده حڪومت طرف واپاري برادري کي ڏنل سهولتن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بحال ٿيو ۽ صنعتي شعبي تقريبن 900 ارب روپيا اضافي ڪمايا. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ ضروري آهي ته هو تعليمي ادارن سان تعلق پيدا ڪري ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي ضرورت?? کي به پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته شاگرد حڪومت جي اعلان ڪيل ڊجيٽل مهارتن جي ڪورس ۾ شموليت اختيار ڪئي، فائدو کنيو ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجهه شاگرد تقريبن ڏيڍ لک ڊالر ڪمائي رهيا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورت?? کي گهر ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن آءِ ٽي ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪن، صدر چيو ته ڪو به ٻيو شعبو آءِ ٽي سيڪٽر جهڙو منافعو نٿو آڻي سگهي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، فارما ۽ آءِ ٽي جي صنعتن ۾ متوقع چيني سيڙپڪاري کانپوءِ پاڪستان جو مستقبل روشن هوندو. ان کان اڳ صدر تقريب دوران آءِ ٽي منصوب?? کي ڪاميابي سان هلائڻ تي عورتن سميت ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ به ورهايا.
صنعت ۾ جدت لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار