اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مي??رو بس سروس جي افتتاح کانپوءِ پشاور موڙ کان ايئرپورت تائين مي??رو بس ۾ سفر ڪيو. ان ??وقعي تي ترڪ سفير احسان ??صطفيٰ، چين جي ناظم الامور کانسواءِ مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، شڪيل اعواڻ، ملڪ ابرار احمد، انجم عقيل خان، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزي??، قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ سي ڊي اي، اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم مختلف مي??رو اسٽيشنن ۽ روٽ جو جائزو ورتو ۽ مسافرن کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل