اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جنگلوٽ اسڪر??و روڊ (جي ايس آر) جي بندش جو نوٽيس وٺندي رستو فوري کولڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي سارسنڀال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ فوري انتظامن جي هداي?? ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جابلو ڇپون ڪرڻ سان تورمڪ وٽ بند رستو فوري کولڻ ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) کي هنگامي قدمن جي هداي?? ڪئي آهي. وزيراعظم هداي?? ڪئي آهي ته اضافي مشينري ۽ افرادي قوت استعمال ڪئي وڃي، رستو جلد کوليو وڃي، ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي سارسنڀال ۽ ضرورت جي شين جي فراهمي يق??ني بڻائآڻ جي لاءِ فوري انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم هداي?? ڪئي ته سياحن جي اچڻ سان گلگت بلتستان ۾ ضرورت جي شين جي استعمال ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو تنهن ڪري شين جي کوٽ نه ٿيڻ ڏني وڃي. وزيراعظم علائقي جي ڪاروباري شخصيتن، آبادي ۽ سياحن کي درپيش مشڪلاتون فوري ختم ڪرڻ جي هداي?? ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ڪري ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس به وڃڻو آهي، ان لاءِ ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. شديد برساتن ۽ جابلو ڇپون ڪرڻ سان گذريل ٻن هفتن دوران 6 ڏينهن رستو بند هو. جنگلوٽ اسڪر??و روڊ گلگت بلتستان کي تيل ۽ کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ?? اچ وڃ جو واحد زميني رستو آهي. مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سياح مختلف اڏامن ذريعي گلگت بلتستان اچي رهيا آهن. گلگت بلتستان جي هوٽلز ۽ سياحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن وزيراعظم ??ان رستي جي ڊگهي بندش جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.
وزيراعظم پاران جي ايس آر رستو فوري کولڻ لاءِ فوري انتظامن جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا