اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جو ”عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آه??“ جي موضوع تي پلينر?? سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. انساني حقن بابت پارليامان?? سيڪريٽر?? سيده نوشين افتخار صدارت ڪئي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي عورتن جي نمائنده ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، ڪشور زهره، ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، پارلياماني ڪاڪس جي نمائنده شاهده رحماني ۽ هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سيده نوشين افتخار سيشن کي آگاهه ڪيو ته ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ جي حق ۽ ڪم ??ي جاين تي غيررسمي ۽ روزگار جي کوٽ وڏيون رڪاوٽون آه??. هن چيو ته 20 اسرندڙ ايشيائي ملڪن ۾ عورتن جي افرادي قوت جو اٽڪل 40 سيڪڙو حصو آه?? پر ان مان رڳو 14.4 سيڪڙو اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز آه?? جڏهن ته عالمي سراسري 27.9 سيڪڙو آه??. ڪشمالا طارق خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هراسمينٽ جي خلاف اڳتي وڌي رهيو آه??. گذريل چئن سالن ۾ اسان 5000 ڪيسز حل ڪيا آه?? ۽ ايستائين جو اعليٰ عملدارن تائين کي معطل ڪيو ويو آه?? جن ۾ يورپ ۾ مقرر هڪ سفير ۽ پوليس آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي. پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن مخصوص سيٽن تي عورتن جي نمائندگي شروع ڪئي ۽ هاڻي پارليامينٽ جو 30 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آه??. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ پي يو کي مردن جي برابر جنرل سيٽن تي عورتن جي نمائندن کي فروغ ڏي?? تي وڌيڪ ڌيان ڏي?? گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ته پاڪستان ان سلسلي ۾ دنيا سان شامل هوندو. پاڪستان ۾ عورتن جي شڪايتن جي داخلا ۽ ازالي جي لاءِ جديد ترين ويب سائيٽ شروع ڪئي آه??. گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ عورتن بابت نمائنده هڪ تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي جنهن ۾ تازي ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ عورتن جي خراب حالت ۽ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جي مدد جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي وئي. عورتن جي پارلياماني ڪاڪس پاران شاهده رحماني اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاڪس عورتن، کدڙا فقيرن ۽ خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آه??. هن چيو ته پارليامينٽ جي بزنس ۾ عورتن جو حصو 70 سيڪڙو آه??.
آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار ۾ عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن جي موضوع تي پلينري سيشن
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ