اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم کي ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز تي گذريل سال ??هشتگرد حملي جي فيصلي جي حوالي سان هڪ سوال ??ي جواب ۾ چيو ته اسان لاڳاپيل عدالت جي ٻڌايل فيصلي ۽ مقامي پوليس پاران جاري ڪيل تفصيل نوٽ ڪيا آهن. ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته جيتوڻيڪ مخصوص سوال لاڳاپيل عملدارن کي موڪلي سگهجن ٿا پر ان معاملي ۾ فعال ??اچ، استغاثه ۽ فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي ??ات??ي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر متاثرين جي گهرڀاتين سان گهري تعزيت جو اظهار ??ند?? چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي دشمن قوتون ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.
پاڪستان پاران ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز