اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياي منصوبن بابت اعليٰ سطح جو اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، شزا فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اج??اس کي مالي سال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي، ز??اع??، صنعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سڄي پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وزي??اع??م ميرٽ اسڪالرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ وزي??اع??م يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي. سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال پٺتي پيل علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ز??اع?? جي شعبي جي ترقي ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي پڻ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. وزي??اع??م سمورن منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م سمورن منصوبن جي مقرر مدي ۽ ??ڪم?? عملي تي پڻ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون