اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪ??نومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪ??نومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران خان جي حوالي سان شايع ٿيندڙ مضمون جي حوالي سان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ”دي اڪ??نومسٽ“ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. ??ن چيو ته اها ڳالهه حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز اداري هڪ اهڙي ماڻهو جي نالي سان مضمون شايع ڪيو جيڪو جي?? ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪي آهي. ??ن چيو ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهينداسين ته ”دي اڪ??نومسٽ“ پاران مضمون ڇپجڻ جي حوالي سان اداراتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ ??ن چيو ته ڇا ”دي اڪ??نومسٽ“ دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان جي?? ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل شايع ڪيا آهن؟ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن جي?? ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ جي لاءِ آزاد هجن ته اهي پنهنجي هڪط??في شڪايتن کي نشر ڪرڻ جي لاءِ سدائين ان موقعي جو استعمال ڪن ها.
”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج