انقره -03 جولائي (اي پي پي ) سعودي عرب جي دف??ع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي . اردو نيوز موجب انقره ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد ترڪيه جي صدر کي سعودي قيادت جو پيغام پهچايو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻ?? طرفي ناتن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن ج?? جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علاقائي ۽ عالمي صورتحال بابت ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سعودي دف??ع واري وزير جي آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل هشام بن عبدالعزيز بن سيف ، ترڪيه جي دف??ع واري وزير ياسر گلر، چيئر مين آف ڊيفينس انڊسٽريل اٿارٽي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هيا. سعودي دف??ع واري وزير پنهنجي ٽو??يٽ ۾ چيو آهي ته سعودي قيادت جي هدايت تي ترڪيه جي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي قيادت جو پيغام ترڪيه جي صدر تائين پهچائڻ تي خوشي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻه طرفن ناتن ج?? جائزو ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سعودي دفاع واري وزير پاران ترڪيه جي صدر سان ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا