ڊن هوانگ (چين) – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبن سان واڳيل ملڪ ۽ خطو پنهنجي ڪاميابين کي گڏ ڪري ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ جي زبردست موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي صوبي گانسو جي شهر ڊن هوانگ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي تي منعقد ٿيندڙ ميڊيا ڪارپوريشن فورم کي خطاب ۾ ڪي??. فورم ۾ 126 ملڪن ۽ عالمي ادارن جي 265 صحافتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. فورم جو اهتمام چين جي صوبي گانسو جي حڪومت ۽ ناليواري چيني اخبار پيپلز ڊيلي گڏيل طور تي ڪي?? آهي. اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو اهو رخ آهي جنهن تي عملدرآمد ان وڏي ??نصوبي کي ڪاميابي جي داستان بڻائي ڇڏيندو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی