اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته آئون ڌرڻو هڻندڙن کي اپيل ڪريان ٿو ته ر??يع الاول جي مقدس مهيني جي ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪن، ڪج??ه سازشي عنصر ملڪ ?? لال مسجد ۽ ماڊل ٽائون جهڙو سانحو چاهين ٿا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته ڌرڻو هڻندڙن تي طاقت جي استع??ال سان رتوڇاڻ جو خدشو آهي جيڪو اسان نه ٿا چاهيون. هن چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته ڪا ڇڪتاڻ ٿئي، هن وقت اسان جي خلاف ڪيتريون ئي ٻا??ريون سازشون ٿي رهيون آهن جن جو مقصد ملڪ کي عدم استحڪام پهچائڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو