گڏيل قومون-12 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انت??ني??گوتريش غز?? جي پٽي ۾ طبي سامان، خوراڪ، ٻارڻ ۽ ٻي امداد پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته امدادي ڪارڪنن جي علائقي ۾ پهچ يقيني بڻائڻ گهرجي. ترڪيه جي خابرو اداري موجب هن چيو ته گڏيل قومون غز?? ۾ امداد جي فراهمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن تڪرار جي سمورن ڌرين کي چيو ته هو غز?? جي پٽي ۾ بي يارو مددگار فلسطينين کي هنگامي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن سا?? تعاون ڪن. هن عالمي برادري کي ان ڪوشش لاءِ فوري طور تي امداد گڏ ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي، انت??ني??گوتريش چيو ته هو پاڻ ۽ وچ اوڀر امن عمل لاءِ گڏيل قومن جي رابطه ڪار ۽ خطي جي اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن ڇڪتاڻ کي خطي ۾ وڏي پئماني تي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. هن چيو ته کيس فلسطينين جي جائز شڪايتن ۽ اسرائيل جي پنهنجي سلامتي جي حوالي سان خدشن جو احساس آهي تنهن هوندي به ڌريون شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائين ۽ رتوڇاڻ، نفرت ۽ ويڇي جو خاتمو ڪن. هن اسرائيل طرفان غز?? تي فضائي بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 1200 کا?? وڌيڪ فلسطينين جي موت ۽ 5 هزار کا?? وڌيڪ جي زخمي ٿيڻ جي اطلاعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل تڪراري ڌرين کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ جو چيو جتان واپسي نه ٿي سگهي ۽ جنهن سان انتهاپسند مضبوط ٿين ۽ پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جا امڪان ختم ٿيڻ جو خدشو آهي.
غزه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻارڻ، طبي سامان ۽ خوراڪ پهچائڻ لاءِ پهچ يقيني بڻائڻ گهرجي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر