عمان – 26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي ان??وا سان سهڪار جاري رکيو ويندو. سيڪريٽري جنرل ان??وا تي لڳاتار اسرائيلي الزامن ۽ حملن کان پوءِ ان اداري جي حوالي سان اردن جي گادي واري هنڌ عمان ۾ پريس ڪانفرنس ۾ انهن ملڪن کان مطالبو ??يو جن ان??وا جي فنڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي وڃن. هن عمان ۾ و??قع وحدت مهاجر ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. عالمي اداري جي سربراهه چيو ته ان??وا نهايت ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته امدادي اداري خلاف الزامن جي جاچ جاري آهي ۽ ان??وا جي مالي سهڪار بند ڪرڻ وارن ڪجهه ملڪن پنهنجو فيصلو ت??ديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ملڪ جاچ نتيجن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ان??وا کي ٻيهر مالي سهڪار فراهم ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ايجنسي غزه ۾ شهرين جي زندگي مهيا ڪرڻ جو هڪ اهم رستو آهي ۽ اسان ان کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين.
انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر