مڪي شريف-05 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پهرين محرم 1446 هجري تي ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. عالمي خابرو اداري ( اردُو نيوز) موجب ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جو ڪم 159 فني ماهرن ۽ ڪاريگرن ذريعي ٿيندو آهي. هر سال ڪعبي شريف جي پراڻي غلاف کي سونهري ڪڙن سان ٻڌو ويندو آهي. انهن مان ڪڍي ڪري ان جي جائي تي نئين غلاف کي مڪمل طور تي ڪعبي شريف تي لڳائڻ جي عمل ۾ ٽي کان 4 ڪلاڪ لڳن ٿا . ڪنگ عبدالعزيز ڪسوه ڪمپليڪس ۾ خانه ڪعبه جي غلاف جي تياري تي 200ک??ن به وڌيڪ ماڻهون ڪم ڪن ٿا. اهي سمورا ماڻهون غلاف جي تياري جي مختلف مرحلن ۾ حصو وٺن ٿا .غلاف جي تياري لا??ِ هڪ هزار ڪلوگرام ڪچو ريشم استعمال ٿيندي آهي جنهن کي ڪمپليڪس جي اندر ڪارو رنگ ڏنو ويندوآهي. ڪپڙي جي تياري جي حوالي سان ڪمپليڪس ۾ جديد ترين مشين??ن ??وجود آهن. مشين??ن ??رآني آيتن جو ڀر?? تيار ڪرڻ ۽ دعائن لا??ِ ڪارو ريشم تيار ڪن ٿيون. سادو ريشم به تيار ڪيو ويندو آهي. ان تي آيتون پرنٽ ڪيون وينديون آهن اهڙي طرح سون ۽ چاندي جي ڌاڳن سان ڀر?? پڻ ڀريو ويندو آهي. ڪعبي شريف جي غلاف لا??ِ 120 ڪلو گرام سون ۽ 100 ڪلو گرام چاندي جو ڌاڳو استعمال ٿيندو آهي. غلاف جي تياري جي هر عمل ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جي پنجن ڀرپور طريقي سان ٿيندي آهي مواد جي جاچ لا??ِ ليبارٽري به موجود آهي.
پهرين محرم تي ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : números dupla sena