اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي آخري ساهه کڻي رهي آهي، بدامني جو جلد ئي خاتمو ٿيندو، اڄ لوڊشيڊنگ گه?? ترين سطح تي آهي، 2018ع جو سال لوڊشيڊنگ فري سال هوندو. هو روانگي واپار ڪندڙن ۾ سيلز ٽيڪس ريفنڊ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر ا??حا?? ڊار، وزيراعظم جي روينيو بابت خصوصي معاون هارون اختر خان، ايف بي آر جي چيئرمين نثار محمد خان ۽ صنعت ۽ واپار جي ايوان پاڪستان (ايف پي سي سي آءِ) جي صدر عبدالرئوف عالم پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي.
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena