اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالم سڳورا گذريل 14 سئو سالن کان وڌيڪ عرصي کان خدا ۽ ان جي رسول ﷺ جو پيغام عوام تائين پهچائي رهيا آهن، اسلام جي بقا منبر ?? محراب سان ڳنڍيل آهي، اهم سماجي ۽ معاشرتي مسئلن ۽ موضوعن تي عوام جي رهنمائي عالم سڳورن جو فرض آهي، عالم سڳورا، ميڊيا، سول سوسائٽي، حڪو??ت ۽ خاص طور تي اين سي او سي جي جامع پاليسي جي نتيجي ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪووڊ – 19 جو بهتر مقابلو ڪيو آهي، ڪورونا وائرس جهڙي وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قرآني تعليم کان عوام جي آگاهي عالمن جو فرض آهي. منبر ?? محراب تان بهترين ڳالهين جي تلقين جي ضرورت آهي، ڪورونا ويڪسين جي تياري ۽ ان ۾ شامل جزن جي باري ۾ عالم سڳورا مطئمن آهن، هن پاڻ به ويڪسين لڳرائي آهي ۽ 4 جون 2021ع جي جمعي جي خطبن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کان تحفظ لاءِ ويڪسين جي اهميت ۽ ضرورت جي باري ۾ عوام کي آگاهي فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي عالم سڳورن جي ويڊيو لنڪ ج?? ذريعي منعقد اجلاس ۾ ڪورونا ويڪسين جي اهميت ۽ ان جي باري ۾ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان محراب ۽ منبر جي ڪردار جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي.
اسلام جي بقا منبر ۽ محراب سان ڳنڍيل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج