بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين ??ان مشاورت ڪئي ويندي، هن خطي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ پاڻي بابت سمورن م??ئل?? کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آهن جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد آهي، تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ??رجيح آهي. وزيراعظم بهاولپور ڊويز?? ۾ ??رقياتي منصوبن ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ تعمير تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ مقامي قومي ۽ ??وب??ئي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، طارق بشير چيما، سيد فخر امام، خاص معاونين ??مشيد اقبال چيما، ڊاڪٽر شهباز گل، ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر عون عباس بپي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ناڻي واري ??وب??ئي وزير هاشم جوان بخت، قومي اسيمبلي ميمبر ڪنول شوزب ۽ ٻين قومي ۽ ??وب??ئي اسيمبيل ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بهاولپور ڊويزن جي مجموعي صورتحال جنهن ۾ معاشي، سماجي، تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ خاص طور تي زراعت جي پيداوار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بهاولور ڊويزن ايراضي جي لحاظ کان پنجاب جي سڀ کان وڏي ڊويزن آهي، جنهن ۾ پسماندگي جي شرح پوري پنجاب ۾ ٻئي نمبر تي آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۾ سمورن ضلع?? ۾ ??حت، تعليم ۽ بنيادي ڍانچي جا من??وب?? شامل آهن. جڏهن ته ان ڊويزن ۾ پنجاب جي 50 سيڪڙو ڪپهه جي پيداوار ٿئي ٿي جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ من??وب??بندي ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ تحقيقي ادارا قائم ڪرڻ، سٺي ٻج جي فراهمي، آبادگارن جي مدد، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ پاڻي جي م??ئل?? جو حل شامل آهي. صنعتن جي ترقي لاءِ صنعتي زونز ۾ ڪم جي رفتار ک?? وڌائڻ ۽ موجوده صنعتن ۾ ويليو ايڊيشن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چولستان ۽ بهاولپور جي ماسٽرن پلان تي تيزي سان ڪم جاري آهي، چولستا?? ۾ ??سڪولن کي سولرائز ڪرڻ، اسپتالن جي تعمير ۽ بهاولپور ک?? سي پيڪ سان ڳنڍڻ جي لاءِ رستي جي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رولز آف بزنس تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جي جلد منظوري ورتي ويندي. 40 مان 15 ??وب??ئي کاتن کي ڏکڻ پنجاب ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، گذريل 6 مهينن کان ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيڪريٽريٽ جا معاملا ڏسي رهيو آهي، ڏکڻ پنجاب جي ملتان ۽ بهاولپور ۾ عمارتن جي تعمير تي اڳڀرائي بابت پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ان کانسواءِ اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب جي لاءِ 189 ارب رپين ??ي رقم سان 2491 من??وب?? شامل آهن جن مان 91 سيڪڙو جي منظوري به ٿي چڪي آهي، سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي جنهن جي حوالي سان حتمي فيصلو جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين ??ان مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڻي انسان جي بنيادي ضرورت آهي ۽ هن خطي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ لاڳاپيل سمورن م??ئل?? کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آهن جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد ظاهر ڪري ٿو. تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ??رجيح آهي. ان موقعي تي قومي ۽ ??وب??ئي اسيمبلي ميمبرن بهاولپور ڊويزن جي مختلف ضلع?? ۾ ??وام کي درپيش م??ئل?? ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون.
ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil