رياض -09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪري ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪا، مصر، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه سا?? ٽيليفون تي فلسطين بابت صورتحال تي ڳالهيون ڪندي اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي گهٽائن ۽ سمورين ڌرين کي انساني حقن بابت عالمي قانونن جي احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ ۽ وڌيڪ تشدد کان بچڻ لاءِ مربوط ڪوششن جي ضرورت تي به زور ڀريو. ٽيليفونڪ رابط?? ۾ ??زه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي فوري طور روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت بابت ڳالهيون ڪيون. مصر جي پرڏيهي وزير ۽ اردن جي نائب وزيراعظم سا?? رابطي دوران غزه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائن لاءِ گڏيل قدم تيز ڪرڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سا?? ٽيليفون تي رابط?? ۾ ??ز?? جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ روڪرائڻ جي طري??ن تي ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه آمريڪي پرڏيهي وزير هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن فلسطين جي صدر محمود عباس سا?? ٽيليفونڪ رابطي م فلسطيني اٿارٽي تي اولهندي ڪنار?? ۾ ??من ۽ استحڪام بحال ڪرڻ تي زور ڀريو.
غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪيون ٿا: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ